حڪيم قائم الدين مهر

حڪيم قائم الدين مهر: حڪيم قائم الدين ولد قادر بخش مهر وقت جو وڏو عالم، حڪيم ۽ سياسي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. ڳوٺ موٽاڻي تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتائين. فارسي، عربي تعليم علامه عبدالقادر کان پنهواريءَ ۾ ورتائين. بعد ۾ دهليءَ وڃي 11 سال حڪيم اجمل خان جي شاگرديءَ ۾ حڪمت سکيو ۽ واپس اچي جيڪب آباد ۾ شفا خانو کوليائين، هي هڪ سٺو جراح به هو. حڪيم قائم الدين، روشن خيال سياسي اڳواڻ ۽ تحريڪ آزاديءَ جو اهم ڪارڪن هو. ڪانگريس سان واڳيل رهيو ۽ خلافت تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتائين، انگريزن کيس هڪ مهيني لاءِ قيد ۾ پڻ رکيو. مولانا تاج محمود امروٽي ۽ رئيس جان محمدجوڻيجي سان ويجهڙائپ رهيس. پير علي محمد راشديءَ ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ سندس ذڪر ڪندي لکيو آهي ته : ”جڏهن 1938ع ۾ قائد اعظم، جيڪب آباد پهتو ته مسلم ليگي گُم ٿي ويا، سر عبدالله هارون پريشان ٿي ويو، ان تي حڪيم صاحب کي جلسي ۽ ميزبانيءَ جي گذارش ڪيائين. حڪيم صاحب توڙي جو مسلم ليگ مخالف هو پر يڪدم جلسي جو انتظام ڪيائين ۽ ڪانگريس جي ڪارڪنن کي ويس بدلائي سامعين ڪيائين.“
حڪيم قائم الدين مهر، دل جي دوري سبب 1959ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ حڪيم قائم الدين مهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو